پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن جو مونوگرام

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن جو مونوگرام

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (P.M.A ):پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جو قيام 28 مارچ 1948ع تي ڍاڪا ۾ عمل ۾ آيو. 20 اپريل 1948ع کان چٽاگانگ ۾ هن اداري باقاعدگيءَ سان پنهنجو ڪم شروع ڪيو ۽ ڊاڪٽر اي. ايم. مالڪ، ڊاڪٽر نصيرالدين ۽ برگيڊيئر ملڪ هن اداري جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. هن اداري جي قيام جو مقصد پاڪستان ۾ ميڊيڪل سائنس جي معيار ۽ ميڊيڪل جي شعبي سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن لاءِ سهولتن ۽ دواسازيءَ جي معيار کي بهتر بنائڻ هو. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن 1965ع ۽ 1971ع جي پاڪ هند جنگين دوران متاثرن جي خدمت ڪئي. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي تعاون سان ملڪ ۾ ڪافي ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيا ويا آهن. هي ادارو ورلڊ ميڊيڪل ايسوسيئيشن جو ميمبر به آهي.


لفظ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو